اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسو??ءِ رياستن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي نبي ڪ??يم ﷺ فرمايو ته اوهان کان پهرين ڪيتريون ئي قومون ان ل??ءِ تباهه ٿي ويون ته انهن ۾ طاقتور جي ل??ءِ هڪ قانون جڏهن ته ڪمزور جي ل??ءِ ٻيو قانون هو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته رياستون اخلاقي زوال ۽ بدعنواني جي ڪري تباهه ٿي ويون، ڇاڪاڻ جو اخلاقي طاقت کانسو??ءِ ڪا به رياست ??نهنجي شهرين کي انصاف فراهم نٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسو??ءِ رياستن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن رياست ??ٽ اخلاقي طاقت نه رهي ته هو طاقتور ڏوهارين سان مڪه مڪا (اين آر آو) شروع ڪندي آهي. هن چيو ته سينيٽ جون تازيون چونڊون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته ??هڙ?? طرح اسان اخلاقي رخ وڃائي رهيا آهيون.