اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??شم??رين جي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته والاريل ??شم??ر جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن ??شم??ر مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان?? قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ ق??م جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خ??الن جو اظهار هن 74 هين ي??م جشن آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.