اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فورس ڊي ط??ر ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٽائيگر فور?? جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي ر??اڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽائيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي ط??ر تي ثابت ڪي?? ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ٽائيگر فور?? جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪي??. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فور?? جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.