اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخ??وص ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي ??ان لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ??ان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي ??ان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي ب??بت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رف??ار?? مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخ??وص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.