اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته هٿرادو کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان ??ي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورو??ا جي باري ۾ اڃان ??ه غلط فهميون موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آ??ي، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ??ن صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر انڪوائري ج?? معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي ج??گ آهي ج??ڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان ??ي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي ج?? انڪوائري لاءِ ڪميٽي ج??ڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، وفاقي ڪابينا چيو آهي ته سالن کان ??ير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آ??ي، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪابينا پولٽري ج?? قيمتن ۾ اضافي ج?? معاملي ج?? تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ڪابي??ا جو اجلاس وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ منعقد ٿيو.