اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پمز آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد وڌائي 30 ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتا?? جي آئسوليشن سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پمز اسلام آباد ۾ ڪورونا وا??رس جي مريضن جي لاءِ آئسوليشن سينٽر جا انتظام اطمينان بخش آ??ن، هن چيو ته آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد 10 مان وڌائي 30 ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين سه??لتن ۾ به اضافو ڪيو پي?? وڃي.