اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته صبح 8 وڳي کان پي ٽي وي ٽيلي اسڪول نشريا?? جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي، تعليم ۽ اطلاعات واري وزار?? جي حصيداري سان شروع ڪيل اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي ويزن جو مظ??ر آهي، ڪورونا وبا جي ڪري ٻارن جو تعليمي عمل معطل آهي، هن چينل ذريعي گهر ويٺل ٻار ۽ ٻيا شاگرد تدريسي عمل مان فائدو کڻندا، نشريات جو وق?? صبح 8 کان شام 6 وڳي تائين هوندو.