اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته خالد مقبول صديقي جي وفاقي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي ڪئي آهي جڏهن ته نئ??ن وزيرن کي پڻ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيد فخر امام کي خورا?? جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير، مخدوم خسرو بختيار کي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، حماد اظهر کي صنعت وارو وفاقي وزير، اعظم سواتي کي منشيا?? جي خاتمي وارو وفاقي وزير، ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي پارلياماني معاملن وارو صلاحلڪار ۽ امين ا??حق کي ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاقي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن.