پشاور – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوشهره ضلعي ۾ اضا خيل ڊرا??ي پورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هئا، ان موقعي تي بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اضا خيل ڊرا??ي پورٽ پنهنجي نوعيت جو جديد ڊرا??ي پورٽ آهي جنهن کي 50 ڪروڙ 70 لک روپين جي وڏي رقم سان هڪ سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.