نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿي??دڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي لاءِ عالمي مدد جي ضر??رت کي اجاگر ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن لاءِ مسلسل حمايت تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته منهنجو ڀاءُ رجب طيب اردوان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ٻوڏ سان ٿي??دڙ تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان کي مسلسل عالمي امداد جي ضر??رت آهي.