اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هو?? آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، بيجز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جش?? آزادي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آهي، ??ر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبص??رت?? سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جش?? آزادي ملهائڻ جي تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جش?? آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، بيجز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽالز لڳايا ويا آهن، جتان شهري جش?? آزادي ملهائڻ جي لاءِ مختل?? سجاوٽ جون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ ??ر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.