اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار ٿيو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي، جسٽس علي نواز چوهاڻ، ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي ڊائريڪ??ر انڊيا اسٽڊي سينٽر ڊاڪ??ر ارشد علي، ڪشميري دانشور ڊاڪٽر وليد رسول ۽ ٻين مقررين خطاب ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام 1931ع کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، 3 سال اڳ والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تي حملو ٿيو ۽ ڀارت هاڻي والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪري رهيو آهي. پا??ستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکندو. ڊاڪ??ر ارشد علي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڀا??ت جا هڪطرفا قدم عالمي قانونن، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي آهي،هن چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي قابض فوج 640 ماڻهن کي شهيد ڪيو آهي جن مان 120 کي حراست دوران قتل ڪيو ويو جڏهن ته رياست جي م??لم اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ 3 ملين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي خطاب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019عڳ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي تڪراري م??ئلو آهي پر ڀارت اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ان جو اڻٽٽ انگ آهي، 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ اهڙا قانون لاڳو ڪيا آهن جن جو مقصد مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. گيمبيا جي اڳوڻي چيف جسٽس علي نواز چوهاڻ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيو آهي، ڪنهن به تڪراري علائقي ۾ اهڙي ڪا به ڪارروائي ۽ ماڻهن تي ظلم جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته انهن معاملن کي گڏيل قوم ۽ ٻين عالمي قانوني فورمن تي کڻي وڃي سگهجي ٿو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته 5 آگھسٽ 2019ع جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ ۽ پا??ستان سان معاهدن تي حملو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ 50 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پراپرٽي لاء به تبديل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڀارت ان دوران ڪشمير جي م??يشت کي 5.3 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي جڏهن ته ن جي نتيجي ۾ 5 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ڀا??ت جو اصل هدف پا??ستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ڪشميري دانشور اڪٽر وليد رسول چيو ته ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني آهي. هن چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي سان والاريل ڪشمير جي م??صوم ماڻهن کي نه ٿو دٻائي سگهي. مقررين چيو ته پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندا، ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو ڪشمير تي هڪ جهڙو موقف آهي. 5 آگسٽ 2019ع جو ڀا??ت جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي جو ڪشمير بابت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ جو مقصد رياست ۾ بي جي پي کي اقتدار ۾ آڻڻ آهي.