گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقد??س بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وڏي وزير عبدالقد??س بزنجو وزيراعظم شهباز شريف جي گوادر جي هڪ ئي مهيني ۾ ٻئي دوري ۽ گوادر جي ترقي کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال 5 ضروري شين تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ج?? انگ وڌائڻ جي هدايت جي آجيان ڪئي.