اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي واپس ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه آئون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جي معاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڳنڍيل رهيو ??هيان ۽ سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان جي پيروي ڪندو رهيو ??هيان، آئون آئين جي پاسداري ڪندو رهيو ??هيان ۽ مون کي ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته آئين پاڪستان منهنجي ??ن بل تي صحيحون نه ڪرڻ جي ??اوجود ان کي قانون جي ??ڪل ڏئي ڇڏيندو. صدر پاڪستان جي ??ئين جي ??رٽيڪل 75 (2) جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ??هي ته صدر جي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) کي بل واپس ڪرڻ تي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) گڏيل اجلاس ۾ ان تي ٻيهر غور ڪندي. ۽ جيڪڏهن اهو مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي ??ريعي ت??ميم سان گڏ يا ان کانسواءِ اڪثريت جي ووٽن سان ٻيهر منظور ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي صدر آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ صدر 10 ڏينهن جي ??ندر پنهنجي منظوري ڏيندو، ائين نه ڪرڻ جي ??ورت ۾ ان بل جي منظوري ت??ور ڪئي ويندي. صدر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ??ه بحيثيت صدر پاڪستان مجلس شوريٰ جي منظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪرڻ منهنجي لاءِ ذاتي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. ان لاءِ آئون ايندڙ نسلن جي لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو. سبب ٻڌائيندي صدر چيو ??ه قانونن جي ??جعت پسنداڻي نوعيت، جنهن جي هن ان وقت نشاندهي ڪئي هئي جڏهن هن ان بل کي پارليامينٽ ڏانهن واپس موڪليو هو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي پڪو يقين رکان ٿو ته ٽيڪنالاجي ??اص طور تي اي وي ايم کي جڏهن موثر طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو حل موجود آهي جيڪي روايتي طريقن ۾ درپيش اچن ٿا. ٽيڪنالاجي ??دائين کان تڪراري ۽ چئلينج شده چونڊ عمل ?? ابهام، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ??ه ٽيڪنالاجي ??و استعمال چونڊ عمل ?? شفافيت آڻڻ، چونڊ مرحلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??رڪت، سياسي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ ۽ ورڇ جي ??مل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ??ه هي قدم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي ??سان جي هيستائين جي ??ڌوري خواب کي پورو ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ??ه آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي طرف وڌي، اڄ جي مسئلن کي رڳو ماضي جي ت??ربن جي ??وشني ۾ ئي حل نه ڪرڻ گهرجي پر جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. مون کي ان ڳالهه جو پورو ادراڪ آهي ته اهو پارليامينٽ جي ٻنهي طرفن ۾ اعتمادي سازي جي فروغ ۽ حصيدارن جي وسيع تر شموليت کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ??ه ائين هيستائين ڇو ناهي ٿيو ۽ راءِ سازن ۽ فيصلا سازن پاران ان عام فهم شيءَ کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو منهنجي لاءِ معمو رهندو. صدر چيو ??ه موجوده ۽ مستقبل جي ??ڪومتن ۽ پارليامينٽن کي ٻن شين جي چونڊ ڪرڻي پوندي، پهرين اها ته ماضي کي اجازت ڏني وڃي هو پاڪستان کي پستي طرف وٺي وڃي يا پوءِ ماضي جي ت??ربن ۽ اڄ جي ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پاڪستان جي ??وشن، ترقي پسند ۽ متحرڪ مستقبل جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ??ه اهڙي طرح جي ڪيترن ئي مشڪل فيصلن کي اسان کي مستقبل ۾ به منهن ڏيڻو پوندو. تاريخ گواهه آهي ته جيڪي قومون صحيح فيصلا ڪن ٿيون اهي ت??قي جون منزلون تيزي سان طئي ڪن ٿيون ۽ جيڪي ائين نه ٿيون ڪن اهي موقعا ضايع ڪن ٿيون جيڪي انهن کي بلندي ۽ ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهن.