اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي ??وبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻڪ جي ??سمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن. شهباز شريف جي ??دارت ?? ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، موجوده ذخيرن ۽ صوبائي ۽ قومي سط?? تي کپت جي ??والي سان اعليٰ سط??ي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي هن سال پيداوار جي ??والي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي مجموعي پيداوار جو هدف 28.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو جڏهن ته متوقع پيداوار 26.173 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جي ??ميد آهي. ڪڻڪ جي ملڪي سط?? تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي. ڪڻڪ جي پيداوار جي هدف ۽ متوقع پيداوار ۾ فرق جي ??ببن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪومت جي ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدانتظامي جي ڪري ڀاڻ جو ب??ران آهي. وڌيڪ اهو ته مارچ ۾ ڪڻڪ جي ??مدادي قيمت جي ??ير سان اعلان جي ڪري آبادگارن جي ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. ان کانسواءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي يعني وقت کان اڳ گرمي جي ??دت ۾ اضافو پڻ ڪڻڪ جي ??ئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي ??ڪومتي سط?? تي خريداري جي ??والي سان پنجاب 91.66 سيڪڙو، سنڌ 49.68 سيڪڙو، بلوچستان 15.29 سيڪڙو جڏهن ته پاسڪو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. وزيراعظم کي موجوده حڪومت جي ??وامي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن جي ??والي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو، کيس ٻڌايو ويو ته حڪومت جي فلور ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي تي سبسڊي، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي 400 رپيا جي قيمت تي فراهمي، بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ??ريعي سستي ا??ي جي فراهمي ۽ خيبرپختونخواهه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي ا??هن قدمن ۾ شامل آهي. وزيراعظم عملدارن کي خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي ??وبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪڻڪ جي ??سمگلنگ کي روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ ڪرپشن جي ??اتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي ??عمير جي ??ڪمت عملي تيار ڪري جلد پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ جي پوکيءَ جي ڏينهن ۾ ڏوهاري غفلت، بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي ڪري ڀاڻ جو ب??ران پيدا ڪيو ويو جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ملڪ کي نقصان پهتو، سائيلوز جي ??عمير سان چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، غلط فيصلن ۽ وقت سر حڪمت عملي نه هجڻ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي ??رآمد ڪندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو، ڪڻڪ جي ??پورٽ پرائيس جي ??ير سان اعلان سان نه رڳو آبادگارن جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي پيدا ٿي پر ان جو فائدو سڌوسنئون ذخيره اندوزن کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم پنجاب حڪومت کي پنهنجو خريداري جو هدف وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ فوڊ سيڪيورٽي ڊويزن کي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت پوڻ تي وقت سر ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان کي بهتر حڪمت عملي سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ملڪ بڻائينداسين. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، فوڊ سيڪيورٽي، پاسڪو ۽ لاڳاپيل کاتن جي ??عليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ صوبائي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.