اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته لُٽ مار ڪندڙن جو ٽولو چونڊيل وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ متح?? ٿي ويو آهي ته جيئن ماضي ۾ اقتدار جي دوران لُٽيل قومي دولت کي بچائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي پارليامينٽ ۾ موجودگي وزيراعظم عمران خان جي ٿورن سان آهي، ڇو ته هنن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو هو، هن چيو ??ه تقريبن 170 ملين ماڻهن وزيراعظم کي ووٽ ڏنو هو ۽ سمورن اميدوارن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ جي ڪري ووٽ مليا آهن، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبرن وزيراعظم عمران خان جي نالي تي ڪامياب ٿيا آهن اهي پهرين پ??هن??ي سيٽن تان مستعفي ٿين ۽ نئين سري سان اليڪشن وڙهن. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ماڻهو جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏي. مملڪتي وزير چيو ته هن پ??هن??ي تڪ جي ماڻهن کان 125000 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا پر ووٽ وزيراعظم عمران خان کي ڏنا ويا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آرٽيڪل 63 اي تي صدارتي ريفرنس جي تشريح ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ هارس ٽر??ڊنگ جو رواج ختم ڪرڻ جي لاءِ پ??هن??ي تشريح ڪري، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڇانگامانگا طرز جي سياست کي ٻيهر متعارف ڪرايو آهي ۽ سنڌ هائوس چونڊيل ميمبرن جي وفادارين جو نيلام گهر بڻجي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران سينيٽ اليڪشن دوران به هارس ٽر??ڊنگ ڪئي وئي، هن چيو ته اهو وزيراعظم عمران خان هو جنهن پ??هن??ي پارٽي جي ايم پي ايز ي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو، جنهن پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پ??هن??ا ووٽ وڪرو ڪيا، ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مقبول ترين اڳواڻ آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته عمران خان کي پ??هن??ي جلسن م ماڻهن کي آڻڻ لاءِ پٽوارين جي تعاون جي ضرورت نه هئي، هن چيو ته 27 مارچ تي ”عوامي ريلي پلس“ هوندي ۽ ان ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هوندي.