لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فور ٽريس اسٽيڊيم لاهور ۾ نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، عسڪري قيادت، صوبائي وزير ميان محمود الرشيد ۽ سردار حسنين دريشڪ ۽ ٻيا به موجود هئ??. ا??و ٽن ڏينهن جو ميگا ايونٽ 12 مارچ تائين جاري رهندو. اهو شو سڀ کان اهم سماجي ۽ ثقافتي پروگرام آهي ۽ پنجاب کي آغاز کان ئي ان جي ميزباني جو اعزاز حاصل رهيو آهي. اها تقريب معاشري جي ??خت??ف طبقن ۽ پا??ست??ن جي سمورن صوبن سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو شاندار اظهار آهي. 6 سالن کانپوءِ منعقد ٿيندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۽ ان جي بحالي پنجاب حڪومت جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، راندين، صنعتن، دستڪاري ۽ ثقافت ??غي??ه کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شامل آهي، نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو 2022ع جي اهم پروگرامن ۾ گهوڙن ۽ اٺن جو رقص، ٽينٽ پيگنگ، جانورن جا مقابلا، گهوڙي سواري، جمپنگ، ملٽري پوليس پاران موٽرسائيڪل تي ايڪرو بيٽڪ اسٽنٽ، گري هائونڊز ريس، ڇٽي بردارن جو فري فال، جانورن جي نمائش ۽ صوبائي رانديگرن جو مارچ پاسٽ به ان ايونٽ جو حصو آهي، پنجاب جي وڏو وزير صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو جو سووينئر پيش ڪيو، ان کانپوءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ انعام به ورهايا ويا، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صوبائي حڪومت کي ان ميگا ايونٽ جي انعقاد ۾ پا?? فوج جو تعاون به حاصل آهي.