اسلام ??باد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سي??حت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سي??حت جي شعبي ۾ ترقي جي موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سي??حت جي شعبي ۾ ام??ان?? مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام ??ي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام ??حت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان سي??حت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سي??حت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.