اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي ??ي اسپ??ڪر اسد قيصر عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته مشڪل ??ي ان گهڙي ۾ افغانستان جي عوام ??ي امداد وقت ??ي اهم گهرج آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغان عوام لاءِ ضروري آهي پر پاڪستان جي وچ اوڀر جي ملڪن تائين واپار لاءِ پهچ لاءِ به ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حوالي سان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل (اي آءِ سي سي) ??ي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قو??ي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي خصوصي مددگار شهزاد ارباب ۽ افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي محمد صادق سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي آغاز تي قو??ي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف قو??ي اسيمبلي ??ي اسپ??ڪر جي آجيان ڪئي ۽ ان کي افغانستان ۾ بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪردار ۽ افغان عوام جي لاءِ ان فورم تان انساني امداد جي حوالي سان هن وقت تائين کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قو??ي اسيمبلي ??ي اسپ??ڪر کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران افغان عوام ??ي امداد لاءِ پنج ارب روپين جو پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ روز مره استعمال جون شيون، زندگي بچائڻ واريون دوائون، ڪمبل، خيما ۽ سردي کان بچاءُ لاءِ ٻيون شيون به شامل هيون. اهڙيون عالمي غير سرڪاري تنظيمون جيڪي افغانستان ۾ انساني امداد جي تحت طبي ڪاروباري ۽ ٻيا خصوصي قدم کڻڻ جو ارادو رکنديون آهن انهن جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع آهي ته جيئن هو عالمي غير سرڪاري تنظيمون افغان عوام جي لاءِ انساني امداد لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻي سگهن، اهڙي طرح افغانستان واپسي لاءِ هن وقت تائين ڦاٿل مريضن جي لاءِ سهولتن جي آڇ به ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري قيام لاءِ هڪ تجويز وزيراعظم کي منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي. اهڙي طرح پشاور جلال آباد ۽ ڪوئيٽا قنڌار جي وچ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اعليٰ سطحي آفيسرن جو هڪ وفد افغانستان جو دورو ڪندو ۽ افغان حڪومت سان گڏ??ي امدادي سرگرمين بابت رخن جو جائزو وٺندو. قو??ي اسيمبلي ??ي اسپ??ڪر اسد قيصر افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان فورم پاران پاڙيسري ملڪ ??ي امداد لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مشڪل جي وقت ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي عوام کي بي آسرو نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغانستان جي عوام لاءِ ضروري آهي پر وچ اوڀر تائين پاڪستان جي پهچ لاءِ به ضروري آهي.