اسلام آب??د – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته صحت ڪارڊ کانپوءِ حڪومت نئين سال جي تحفي طور ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 6 روپين تائين لاٿ ڪري ڇ??ي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان قدم سان ملڪ جي 72 سيڪڙو آب??دي جيڪا قدر??ي گئس کان محروم آهي، کي سڌو سنئون فائدو ٿيندو. هن چيو ته ايندڙ سال توانائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واضح لاٿ ڏسڻ ۾ ايندي.