اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي عالمي سطح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن ??يو ته بهترين سفارت جي لاءِ معاشي پاڻڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين. شاهه محمود قريشي ??يو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو ته مون کي فخر آهي ته آئون انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفيرن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.