اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احساس دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، ??ها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻاي?? ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وقت واريءَ وانگر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.