اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدو شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنه??جي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏ??هي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏ??هي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس سان گڏ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽي جو چيئرمين ڪانگريس مين ايمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏ??هي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنه??جي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏ??هي وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏ??هي وزير وفد جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. آمريڪي سيڙپڪار ڪمپنيون، پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. پرڏ??هي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏ??هي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد کي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل معاونت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پاڪستان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پاڪستان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏ??هي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آمريڪي ۽ ٻين شهرن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل ڀرپور معاونت تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس پاڪستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ايوان نمائندگان جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.