اسلام آ??اد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم کڻڻ جي لا??ِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لا??ِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي افغان وفد ۾ وقتي ناڻي وارو وزير، صنعت ۽ واپار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سامل هئا. وزيراعظم افغانستان جي حمايت ۽ انهن جي ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ افغان عوام جي مدد لا??ِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لا??ِ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ٺوس افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن، سمورن افغانين جي حقن جي تحفظ، نظم ۽ ضبط ۽ سياست ۾ سمورين ڌرين جي سموليت سان افغانستان ۾ استحڪام کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عبوري افغان حڪومت عالمي برادري سان تعميري ڳالهيون جاري رکندي ۽ درپيس مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ مثبت قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ف??ري طور تي انساني بنياد تي ريليف جي فراهمي جي لا??ِ مسلسل زور ڏئي رهيو آهي. ويراعظم معاشي تباهي کان بچڻ جي لا??ِ افعانستان جا منجمند ڪيل اثاثا جاري ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن ۾ سهولت جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر مڪن قدم کڻڻ جي لا??ِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته امداد ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان افغانستان کي ڪڻڪ، چانور، هنگامي طبي امداد ۽ شيلٽرز سان لاڳاپيل سامان سميت ضرورت جون شيون فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لا??ِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سهولت جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ فروغ جي لا??ِ ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.