اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ميمبرن ج?? مقرري جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ کي خط لکي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خان آئين ج?? آرٽيڪل 213 ۽ 218 موجب مخالف ڌر اڳواڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن ج?? خالي جاين ج?? لاءِ خط لکيو آهي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٽي ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن. ??ن چيو ته انهن نالن تي مخالف ڌر جي جواب کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ مقرري ٿي سگهندي.