اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جو ويزن 2025ع موٽو گينگ جي دولت وڌائڻ، مني لانڊرنگ کي تيز ڪرڻ، ٽي ٽيز کانسواءِ عملي طور تي ڪ??هه ناهي، (ن) ليگ جي پوري قيادت بزدل بڻيل آهي، عمران ??ان ??و احتساب جو عمل رڪجڻ وارو نه آهي، (ن) ليگ ۽ ٻين لُٽ مار ڪندڙن کي پئسا واپس ڪرڻ جو فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، 45 سيڪڙو تي امپورٽيڊ فيول تي بجلي جا منصوبا لڳائيندڙ نواز، شهباز ۽ مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندڙ برگيڊ جي مجرماڻي علفت آهي، 10 نون آبي ذخيرن جي منصوبن ۾ ايترو پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو جيترو 70 سالن دوران ??خيرو ٿيندو رهيو آهي، ملڪ ٽي ڀيرا بئنڪ ڊيفالٽ تي پهتو، ٻه ڀيرا (ن) ليگ ۽ هڪ ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، اڄ اهي ئي ماڻهو معيشت جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ا??ان جي حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ اضافي، ايڊوانس ٽيڪس ۽ ايمنسٽي جهڙين اسڪيمن کانسواءِ 4730 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون ۽ هلندڙ سال 5800 ارب جون ٽيڪس وصوليون يقيني بڻائيندي. هو اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت ۾ ميڊيا ??ان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ وري احسن اقبال پريس ڪانفرنس ۾ ڪوڙ جي انتها ڪري ڇڏي آهي، (ن) ليگ جي 18 -2017ع پي ايس ڊي پي ۾ اربين روپين جي لاڳت جا غير منظور شده منصوبا شامل ڪيا ويا. هن چيو ته تاريخ کڻي ڏسون ته خبر پوي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي روايت پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وڌي ڇو ته پنهنجي دورن ۾ اهي مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس، ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي اولادن کي جائيدادن ۽ ڪاروبار لاءِ پاڪستان مان لُٽيل پئسو موڪليندا رهيا آهن، اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي آءِ ايم ايف وڃڻ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته احسن اقبال جي هڪ پريس ڪانفرنس رڪارڊ جو حصو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي فوري طور تي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ڇو ته هنن ملڪي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو، هن چيو ته (ن) ليگ جي ڪارن ڪارنامن جي ڪري 18 -2017ع ۾ پاڪستان ??ئنڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، 15 ڏينهن جا پرڏيهي ذخيرا رهجي ويا هئا، رڪارڊ ٻاهريان قرض ورتا ويا، 17 ارب ڊالر مارڪيٽ ۾ ڦٽا ڪيا ويا ان ??ي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جا ٽن سال گهڻا بهتر هئا، ا??ان جي حڪومت جي آغاز تي معاشي بدحالي، ادارا تباهه هئا ۽ ڪ??هه وقت کانپوءِ ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا کي منهن ڏيڻو پيو ان ??ي باوجود ملڪي معيشت کي روان ??کيو ۽ 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪئي، روانگي واپار 24.4 ارب رهيو جيڪڏهن سروسز ??ي شامل ڪريون ته اها 31 ارب ڊالر بڻجي وڃي ٿي. هڪ سال دوران 29.4 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان ??يو، هن چيو ته ا??ان جي معاشي ٽيم جي محنت جي ڪري 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ٿيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ رڪارڊ روانگي واپار ٿيو، 2 ارب ڊالر جي آءِ ٽي برآمدات به رڪارڊ آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڊالر انفلو 60 ارب ڊالر کان ٽپي چڪو آهي، 2018ع ۾ اهو 50 ارب ڊالر کان ??ه گهٽ هو، هن چيو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 14 سيڪڙو کان وڌيڪ گروٿ ٿي آهي، هن چيو ته گذريل سال آبادگارن کي 1100 ارب اضافي ڏنا ويا، 500 ارب ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڏنا ويا انهي ڪري ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڪمند سميت سموري پيداوار رڪارڊ ٿي آهي، هن چيو ته (ن) ليگ وارن مهانگا بجلي جا منصوبا لڳايا جنهن جي ڪري 2023ع تائين 1500 ارب ڪيپسٽي پيمنٽس ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عمران ??ان ??ي حڪومت ۾ 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي لاءِ 10 وڏن آبي ذخيرن جي منصوبن تي ڪم ج??ري آهي، 1963ع کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪو به وڏو آبي منصوبو نه ٺهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ۾ اڄ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو نالو آهي ته اهو عمران ??ان ??هي، ا??ان هڪ ارب ٻوٽا پوکيا ۽ هاڻي 10 ارب ٻوٽا پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت انصاف ڪارڊ ڪي پي ڪي جي سموري آبادي کي فراهم ڪيو ويو آهي هاڻي ڊسمبر تائين پنجاب جي سموري آبادي کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندا. هن چيو ته گهٽ آمدني وارن هائوسنگ جي منصوبي کي عوامي سطح تي پذيرائي ملي آهي، نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ پنج لک جا بنا وياج قرض، گهر ٺاهڻ لاءِ 27 لک فراهم ڪيا پيا وڃن، 145 ارب جي قرض جون درخواستون هن وقت تائين ملي چڪيون آهن، انهن مان 45 ارب جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، هن چيو ته رهائشي ۽ ڪمرشل هائوسنگ منصوبن لاءِ 1000 ارب جي سيڙپڪ??ري منصوبن جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ ان مان 4500 ارب جو معاشي اثر ايندو ۽ 7 لک نوڪريون پيدا ٿينديون، هن چيو ته عمران ??ان هن ملڪ کي مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست بڻائڻ ??ان گڏوگڏ سائي جهنڊي جي سربلندي لاءِ عملي جدوجهد ج??ري رکندو.