اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته شاگردن کي سستي ۽ آسان تعليم جي فراهمي جي لاءِ هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿيندڙ مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي جديد آءِ ٽي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ پا??ست??ن انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پا??ست??ن انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر ??جي?? مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر ??جي?? مرزا ملڪ ۾ پيشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ اداري جي ڪردار ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته انسٽيٽيوٽ مختلف ??عب?? ۾ تعليمي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪري رهيو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن ??عب?? ۾ 5000 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. صدر انسٽيٽيوٽ جي ڪاميابين خاص طور تي ملڪ جي سائنسي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽيون تحقيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ شاگردن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگردن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگا?? ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيورسٽين جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.