اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، فلسطين مسئلي جو حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسط??ن جي سفارتخاني ويو ۽ فلسط??ن جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اسرائيلي فورسز جي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، معصوم فلسطينن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، غير قانوني آبادي ڪاري ۽ قب??و، فلسطين??ن جي زبردستي بي دخلي انساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسط??ن جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آهي، فلس??ن جي مسئلي جو حل سڄي دنيا ۽ خاص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، انساني حقن جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسط??ن جي مسئلي کي سنجيده وٺندي جلد کان جلد بهتري لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي. فلسطين مسئلي جو حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀائرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، پوري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.