اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظ??هرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت ن?? ٿي ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پ??لي?? مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پ??لي?? جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پ??لي?? مظ??هرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ ??نڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.