ڪراچي – 14 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه جي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ڪڍڻ جي دعويٰ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه جي سينيٽ چونڊن تي ڏنل بيان تي و??يو پيغام ۾ پنهنجو ردعمل ڏيندي ڪيو. حليم عادل شيخ اعترافي بيان تي سپريم ڪورٽ کان ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ??طالبو ڪيو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه کي خواب ۾ ڇيڇڙا نظر اچي رهيا آهن، گذريل سينيٽ چوندن ۾ سنڌ جي عوام جو ??ئسو ڦريو ويو هو، پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه ۾ نوٽن جي ڳٺڙين سان وو?? خريد ڪيا هئا. حليم عادل شيخ چيو ته اسان چا??يو پئي ته چونڊون اوپن راءِ شماري تي ڪيون وڃن پيپلزپارٽي سدائين مخالفت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جو ??ڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي غريب عوام جو ??ئسو هي ماڻهو سينيٽ چونڊن تي لڳائڻ چا??ين ٿا.