اسلام آب??د – 24 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام جي رويي مان نه ٿو لڳي ته انهن کي ڪنهن ڳالهه جي فڪر آهي، ڪورونا جي ٻي لهر انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اسلام آب??د ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطا?? سان گڏ ??ريس ڪانفرنس ۾ هن پاڪستان ۾ وبائي مرض ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل ۾ درپيش خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسد عمر چيو ته حڪومت جي لاءِ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو. 11 جنوري 2021ع کان حالتون ڏ??ي اسڪولز کولڻ جو امڪان آهي.