اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جا نوجوان تعليم، ڏاهپ ۽ اعليٰ اخلاق جي ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، پاڪستان کي مسئلن جي حل لاءِ قيادت ۽ ڏاهپ جي صحيح استعمال جي ضرورت آهي ۽ ملڪ جا نوجوان اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته چين جي ترقي تعليم ۽ صحت جي بنياد تي ٿي، پاڪستان کي به تيز رفتار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيني ماڊل تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رڳو وسيلن سان ملڪ ترقي نه ٿا ڪن پر انساني وسيلن ۽ صحيح فيصلن سان قومن جي تقدير بدلائي وڃي ٿي. يونيورسٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي ملڪ جي اشرافيه قرار ڏيندي صدر چيو ته انهن کي اهڙي ملڪ ۾ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي جتي 44 سيڪڙو يعني اٽڪل 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اڃا تائين اسڪول نه ٿا وڃي سگهن. خطي سان ڀيٽ ڪندي هن چيو ته سمورن علائقائي ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب 98 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ 50 هزار اسڪولن جي ضرورت پوندي جيڪو ملڪ ۾ وسيلن جي دستيابي کي نظر ۾ رکندي آسان ڪم نه آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ اٽڪل ٽي لک مسجدن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جمهوريت ۽ انسانيت جي چيمپيئن هجڻ جي دعويدار ترقي يافته دنيا انساني همدرديءَ جو جذبو وڃائي چڪي آهي، دنيا هاڻي مفادن تي هلي رهي آهي جيئن ته غزه جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي اولهه پاران ڪنهن همدرديءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڪشمير مسئلي جي حل جي اميد آهي پر 70 سال گذري وڃڻ جي باوجود اهو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو. صدر يونيورسٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي نصيحت ڪئي ته اهي پنهنجي عملي زندگي ۾ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکن. هن عورت گريجوئيٽس کي به چيو ته اهي شادي کانپوءِ گهر ويهي پنهنجي تعليم کي ضايع نه ڪن پر اڄ جي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ عورتون پنهنجي ملازمت ۽ گهريلو ڪم آساني سان سرانجام ڏئي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومتجي وقت ۽ دانشمنداڻي حڪمت عملين جي ڪري پاڪستان کي ڪوويڊ 19 دوران دنيا جو پنجون بهترين ڪارڪردگي وارو ملڪ قرار ڏنو ويو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيندي صدر چيو ته يونيورسٽي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان اڳ صدر يونيورسٽي جي ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز پڻ ڏنا. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هيستائين اٽڪل 50 لک شاگرد يونيورسٽي مان فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته اوپن يونيورسٽي کدڙن فقيرن، جيل جي قيدين ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪري رهي آهي.