GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پيمرا ترميمي بل 2023ع ڪنهن دٻاءُ يا جلدبازي ۾ ناهي ٺهيو، بل تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع ڪنهن دٻاءُ يا جلدبازي ۾ ناهي ٺهيو، بل تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي، اڄ پيمرا (ترميمي) بل حقيقت بڻجي چڪو آهي، ورڪنگ جرنلسٽس کي قانوين تحفظ ملي چڪو آهي، سمورين ڌرين اظهار راءِ تي پابندي جي حوالي سان ڊيفي نيشن ٺاهي، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن، گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، تنقيد کي سدائين برداشت ڪيو آهي، مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ بدتميزي جا واقعا سڀني جي سامهون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ پي آر اي، سي پي اين اي، پي بي اي، پي ايف يو جي، ايمنڊ سميت سمورين ڌرين رهنمائي ڪئي، اظهار راءِ تي پابندي جي حوالي سان سمورين ڌرين ڊيفي نيشن ٺاهي، 12 مهينا ان بل تي مشاورت جاري رهي، ميديا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو ويو، اهو سفر 12 مهينا تسلسل سان جاري رهيو. مريم اورنگزيب چيو ته مون سدائين تنقيد برداشت ڪئي آهي، مسجد نبوي ﷺ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو داخل ٿيس ته مون تي تنقيد ڪئي وئي، لنڊن ۾ به مون کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جڏهن پهريون ڀيرو پيمرا (ترميمي) بل پيش ٿيو ته بنا پڙهڻ جي ان جون ڌڄيون اڏايون ويون. پيمرا چيئرمين جي مدي ۽ توسيع بابت اعتراض ڪيو ويو، ان حوالي سان پيمرا ترميمي بل ۾ شق موجود آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل تي شقوار بحث ٿيو، هتي منظور ٿي اهو بل سينيٽ ۾ ويو ۽ پوءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ۾ به پيش ٿيو، اتي پي آر اي کانسواءِ اهي ماڻهو موجود نه هئا جن ان بل تي مشاورت ڪئي هئي. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل جي تياري ۾ شامل سمورين ڌرين اچي ان بل جي حمايت ڪئي پر بل تي اعتراض اٿاريا ويا. هن چيو ته اسان چيو ته بل منظوري جي مرحلن ۾ آهي، جيڪڏهن ڪا بهتري آڻي سگهجي ٿي ته اسان ڪنداسين. هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اهو قانون جلدبازي ۾ تيار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ الزام هنيو ويو ته ميڊيا جو آواز بند ڪيو پيو وڃي، صحافت تي پابندي هنئي پئي وڃي، ان تي مون بل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو، مون چيو ته جيڪڏهن ڪو شڪ به اچي رهيو آهي ته ان بل سان صحافت تي پابندي لڳي رهي آهي ته آئون پنهنجي پارٽي، پنهنجي اتحادي حڪومت تي اهو داغ ڪڏهن به لڳڻ نه ڏينديس، ان تي مون بل واپس ورتو. هن چيو ته جڏهن بل واپس ورتو ته سمورين صحافتي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم مون کي چيو ته ڪنهن ميديا ورڪر ۽ صحافت کي احتجاج ڪرڻ جي نوبت نه اچي، توهان ان بل کي ٻيهر پيش ڪريو. مريم نواز مون کي ٽيليفون ڪري چيو ته ان مسئلي کي حل ڪريو. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز اتحاد جو مظاهرو ڪيو، انهن جي سڄي زندگي جي جدوجهد هڪ طرف ۽ ٽن ڏينهن جي جدوجهد هڪ طرف آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پي آر اي سميت سمورا صحافي شيهي جي ديوار وانگر متحد ٿي بيٺل رهيا، پي آر اي، آر آئي يو جي، سي پي اين اي، ميڊيا ورڪرز، ڪئميره مين ايسوسيئيشنز سڀ ورڪنگ جرنلسٽس آهن، انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿي ته انهن منهنجو ساٿ ڏنو، پنهنجي انڊسٽري ۽ پنهنجي ورڪرز جو ساٿ ڏنو، سڀني پيمرا بل کي پنهنجو بل سمجهي آواز بلند ڪيو. هن چيو ته اڄ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع حقيقت بڻجي چڪو آهي، اڄ اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته ورڪنگ جرنلسٽس کي قانوني تحفظ ملي چڪو آهي، ان قانون جي ٺهڻ جي جهڙي طرح توهان حفاظت ڪئي، اهڙي طرح ان تي عملدرآمد جي لاءِ پڻ متحد رهڻو آهي. هن چيو ته هر دٻاءُ کي برداشت ڪندي آءِ ٽي اين اي جو چيئرمين لڳايو، وزيراعظم سدائين چيو ته ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه يٿڻ گهرجي، اسان پي آئي ڊي جا ڊائريڪٽ چيڪ آئي ٽي اين اي کي ڏنا، اتان ريڪوريون ٿي ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته ورڪرز پنهنجي حقن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ اهڙي طرح اتحاد جو مظاهرو جاري رکن.

مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں